SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


لوهي ڍَڪُ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


لوهي ڍَڪُ

Iron Curtain

آئرن ڪرٽين

هن اصطلاح موجب، نظرياتي فرقن جي ڪري جڏهن ڪي به ٻه رياستون هڪٻئي کان جاگرافيائي طور ڪٽجي وڃن ۽ تعلقات جي حوالي سان ڌار ترجيحون مقرر ڪن، ته رياستن وچ ۾ هر قسم جو تعلق ختم ٿي وڃي ٿو. هي اصطلاح عام طور برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ونسٽن چرچل سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. پر حقيقت ۾ ان جو استعمال بدنام نازي پروپئگنڊائي وزير ’جوزف گو بلس‘ استعمال ڪيو، جنهن مطابق سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ کي مغربي يورپ کان علحيده خطو قرار ڏنو ويو. بهرحال ان اصطلاح کي شهرت چرچل جي مارچ 1946ع واري مشهور ”فلٽن- مسوري“ تقرير مان نصيب ٿي. تقرير ۾ چرچل سوويت يونين تي تنقيد ڪندي چيو هُئو، ته بالٽڪ رياستن کان اڊيارٽڪ ۽ ٽرائسٽ تائين پوري کنڊ کي ٻن حصن ۾ ورهائي يورپي مُلڪن وچ ۾ لاڳاپن کي خراب ڪري، سوويت يونين طرفان هن خطي ۾ هڪ لوهي چادر ڇڪي وئي آهي. عام طور تي ”لوهي ڍڪ“ مان مراد ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جرمنيءَ جي ٻن ڀاڱن ۾ ٿيل ورهاڱي ۽ نتيجي ۾ ڌار ڌار سياسي نظام جي قيام مان ورتو ويندو آهي. ان سياسي ۽ نظرياتي ورڇ جي ڪري، آخرڪار يورپ به ٻن گروهن، يعني آمريڪي ۽ سوويت ڪئمپن ۾ ورهائجي ويو


Remember Me Also:

ڏاٺ ڦوڙ

ذ. صفت. شڪارين جي اصطلاح ۾ هڪ سال جي عمر وارو سوئر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal